انڙ غلام رسول

انڙ غلام رسول: غلام رسول انڙ، مشهور سياستدان حاجي امام علي انڙ جو پٽ آهي. هو 1949ع ۾ نواب شاهه ويجهو کڏهر ڳوٺ ۾ ڄائو. ميٽرڪ تائين تعليم ورتائين. سندس پيشو زمينداري آهي. هو 1977ع ۽ 1993ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ۽ 1997ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1997ع واري دور ۾ وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ٿيو. 2007ع ۾ نگران حڪومت ۾ ٻيلي کاتي جو وزير مقرر ٿيو. اسيمبلي جي ٻيلي کاتي جو وزير مقرر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.00.00  عيسوي

غلام رسول انڙ 1949ع ۾ نواب شاهه ويجهو کڏهر ڳوٺ ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انڙ غلام رسول
اختر حسين جدون
اعجاز جکراڻي
اڪرام الله ڌاريجو
ايشور داس
اصغر خان
آصف بالادي
اسماعيل راھو
آغا شاهي
الاهي بخش سومرو
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون